انساني جسم  جو ڍانچو

انساني جسم جو ڍانچو

انساني جسم

انساني جسم: انساني جسم کي ٽن حصن ۾ ورهائجي ٿو:
(1) منڍي: جنهن ۾ مٿو، ميڄالو، مُنهن، اکيون، نڪ، ڪن، چپ ۽ وات اچي وڃن ٿا.
(2) ڌَڙُ: هن حصي ۾ هٿ، ٻانهون، سينو، پيٽ ۽ چيلهه اچن ٿا.
(3) پولُهه: هي چيلهه کان هيٺ وارو حصو آهي، جنهن ۾ ٽنگون، پير ۽ اخراج جا عضوا اچي وڃن ٿا.
ڌڙ واري حصي مان پيٽ ۾ ڪيترائي سرشتا آهن، جيڪي زندهه رهڻ لاءِ انسان جي مدد ڪن ٿا. انهن سرشتن ۾ کاڌي، هوا ۽ رت جا مکيه سرشتا آهن.
انساني جسم جي بناوت: انساني جسم جي هڪ خاص شڪل ۽ بناوت آهي. ان جو سبب هيءُ آهي ته انساني جسم ۾ هڏين جو هڪ فريم آهي، جنهن کي ”بوتو“ يا ”هڏائون پڃرو“ چئجي ٿو. انساني بوتي يا هڏائين پڃري ۾ 206 هڏيون ٿين ٿيون، جن کي چئن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي.
ڊگهيون هڏيون: اُهي ٽنگن، ٻانهن ۽ سيني ۾ ٿين ٿيون، انهن ۾ سوراخن جهڙيون خالي جايون ٿين ٿيون، جن ۾ هڪ نرم مادو ڀريل ٿئي ٿو، جنهن کي هڏين جو گُودو چئجي ٿو.
تراکڙيون هڏيون: اُهي تراکڙي شڪل ۾ کوپڙيءَ ۽ ڪلهن ۾ هونديون آهن. انهن ۾ خالي جايون نه هونديون آهن.
ننڍيون هڏيون: اهي ڪرائيءَ ۽ مُرين ۾ هونديون آهن.
مڙيل هڏيون: ڪرنگهي ۾ وٽ واريون هڏيون. اهو هڏائون پڃرو گوشت سان ڍڪيل هجي ٿو جنهن ۾ مشڪون، ريشا وغيره ٿين ٿا رت جون سنهيون ٿلهيون ناليون، دماغي تنتون وغيره ان مان گذرن ٿيون. ان مٿان چمڙي ٿئي ٿي، جيڪا بدن کي ڍڪي ٿي .


لفظ انساني جسمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو